سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي قبضي جي اجازت نه ڏينداسين، مراد علي شاهه جو ترقياتي مهم جو اعلان ۽ نهرن جي سازشن تي واضع موقف

سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي قبضي جي اجازت نه ڏينداسين، مراد علي شاهه جو ترقياتي مهم جو اعلان ۽ نهرن جي سازشن تي واضع موقف

Posted on: 15 Apr 2025   Tags:

ٺٽو (12 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي ترقيائي مھم جو آغاز ڪري ڇڏيو ۽ نهرن واري وفاقي منصوبن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي انھن کي صوبي جي پاڻيءَ جي حقن کي ڇنڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. ھن اھا ڳالھ محسن هائوس ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي پيپلز پارٽي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي صوبائي وزيرن ناصر شاھ، حاجي علي حسن زرداري، محمد علي ملڪاڻي، رياض شاھ شيرازي، ايم اين اي صادق ميمڻ، ايم پي اي ۽ ٻيا منتخب نمائندا پڻ موجود هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايت تي مراد شاھ ان مھم جو آغاز ٺٽي ۽ سجاول مان ڪيو ۽ اپريل جي مھيني ۾ سنڌ جي ھر ضلعي جو دورو ڪرڻ جو عزم ظاھر ڪيو. ھن ھر ضلعي ۾ ترقيائي منصوبن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پنج ارب رپيا رکڻ جو اعلان ڪيو جنھن مان ھڪ ارب رپيا ننڍن مقامي سطح تي تجويز ڪيل منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن. وڏي وزير يونين ڪائونسل، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون جوڙڻ جو اعلان ڪيو جنھن ۾ منصوبن جي تجويزن کي ترتيب ڏنو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر ان تجويزن جي لاڳت جو ڪاٿو تيار ڪندا ۽ سڀ منظور ٿيل اسڪيمون ايندڙ صوبائي بجيٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. مراد شاھ چيو ته ھي اوھان جي حڪومت آهي، پيپلز پارٽي عوام جي آهي، اسين اوھان جي خدمت لاءِ موجود آھيون. ھن ٺٽي ۽ سجاول کي 15 ڏينھن جي ڊيڊ لائن ڏني ته پنھنجيون ترقياتي تجويزون پيش ڪن.  ھن ڪراچي-ٺٽي ھاءِ وي جي تعمير، 84 ڪلوميٽر سنڌ ڪوسٽل ھاءِ وي، 65 ڪلوميٽر ٺٽو-گھارو روڊ ۽ 40 ڪلوميٽر ٺٽو-جھمپير روڊ جهڙن منصوبن جو ذڪر ڪيو. ان کان سواءِ ٺٽي ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڪاليج جو افتتاح، سيلاب متاثرين لاءِ 21 لک گھرن جي تعمير ۽ ٺٽي ۽ سجاول ۾ نھرن جي مرمت جي ڪمن تي پڻ روشني وڌي. چولستان ۽ چوبارو نهرون: پاڻيءَ جي هن جهيڙي بابت مراد علي شاھ چولستان ۽ چوبارو نهرن جي منصوبن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهي سياسي مقصدن لاءِ ٺاهيل اهي اسڪيمون جن جو مقصد سنڌ جو پاڻيءَ چوري ڪرڻ آهي. ھن زور ڏئي چيو ته توهان درياهه سنڌ جا اصل محافظ آهيو، جيڪو توهان جي زندگيءَ جو سهارو آهي. ھن سنڌ جي پاڻيءَ کي موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي خلاف عزم ظاهر ڪيو. ھن واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو زنده ۽ بيدار آهن، اسين ڪنهن به صورت ۾ لاڳاپيل نهرن جي تعمير جي اجازت نه ڏينداسين. مراد شاھ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) اهڙن منصوبن جي واٽ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي ڇوته اهي سنڌ جي مفادن خلاف آهن. ھن زور ڏنو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي حقن جو مضبوط محافظ آهي. ھن وڌيڪ چيو ته هيءَ ڄاڻي واڻي ٺاهيل هڪ سازش آهي ته پيپلز پارٽي کي عوام کان الڳ ڪيو وڃي. اسان جا مخالف پنهنجن مقصدن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اسان کي پوئتي ڪرڻ چاهين ٿا. وڏي وزير 4 اپريل تي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو وزيراعظم کي ڏنل واضح پيغام ياد ڪرايو ته جيڪڏهن هي منصوبو رد نه ڪيو ويو ته مان پنهنجي عوام سان گڏ هوندس ۽ توهان جي حڪومت جي حمايت واپس وٺندس. مراد شاھ ان دعوائن کي مسترد ڪري ڇڏيو ته پيپلز پارٽي ان نهرن جي منصوبن جي حمايت ڪئي هئي. هن وضاحت ڪئي ته جيتوڻيڪ 2018ع ۾ فيزيبيلٽي اسٽڊيز تيار ڪيون ويون هيون پر 2023ع تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي ڇوته پيپلز پارٽي انھن کي روڪي ڇڏيو هو. ھن ڄاڻايو ته هي متنازع تجويز 17 جنوري 2024ع تي انڊس ريور سسٽم اتارٽي (IRSA) جي اجلاس ۾ نگران حڪومت جي دور ۾ ٻيهر زور وٺي ويو. پنجاب جي نمائندن نهرن جي تعمير جو مشورو ڏنو جنھن جو مقصد انھن جي دعويٰ مطابق سمنڊ ۾ ضايع ٿيندڙ 27 ملين ايڪڙ فٽ پاڻيءَ جو هڪ حصو موڙڻ هو. مراد شاھ وضاحت ڪئي ته ارسا ڊيٽا جي تصديق ڪرڻ کانسواءِ ئي هن تجويز کي منظور ڪري ڇڏيو پر پيپلز پارٽي پاران مقرر ڪيل سنڌ جي نمائندي هڪ تفصيلي اختلافي نوٽ جمع ڪرايو جنھن ۾ اهي اعتراض واريا ويا جيڪي اڄ اسين ٻيهر پيش ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير زور ڏئي چيو ته بين الاقوامي پاڻيءَ جي قانونن ۾ هيٺئين دريائي علائقن (لوئر ريپيرين) جي حقن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي جهڙوڪ سنڌ آهي. ھن اشارو ڏنو ته ٺٽو ۽ سجاول سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا انهيءَ ڪري اسان هن مھم جو آغاز هتان ڪيو آهي. ڪينال نامنظور ۽ سنڌو تي نهر نامنظور جي نعرن جي وچ ۾ وڏي وزير مخالفن تي الزام لڳايو ته اُهي پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف منفي پروپيگنڊو هلائي رهيا آهن. هن چيو ته اُهي (مخالف) هڪ منٽ نهرن بابت ڳالهائيندا آهن ۽ پنجويهه منٽ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندا آهن. اسان ڪنهن سان ڪا دشمني نٿا رکون جيتوڻيڪ احتجاج ڪندڙن سان به نه، پر سچ کي سامهون آڻڻ ضروري آهي. مراد شاھ پيپلز پارٽي جي سنڌ جي وسيلن جي حفاظت واري عهد کي ٻيهر ورجايو ته هي زمين، هي پاڻي ۽ هي پارٽي سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهي ۽ اسين ڪنهن کي به اهي حق اوھان کان وٺڻ نه ڏينداسين. هن واضح ڪيو ته صدر پاڪستان وٽ ڄاڻايل نهري منصوبن کي منظور ڪرڻ جو اختيار ڪونهي. ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ (سي سي آءِ) وارو جهيڙو: هن چيو ته اُهي دعويٰ ڪن ٿا ته سي سي آءِ ۾ انهن جي اڪثريت آهي پر مان هڪڙو ئي انهن جي دليلن جو جواب ڏئي سگهان ٿو. مان ثبوت پيش ڪيان ٿو جڏهن ته انهن وٽ ڪو جواب ڪونهي جيڪڏهن اُهي سنجيدا هوندا ته 2018 کان 2023 جي وچ ۾ ئي هي منصوبو منظور ڪرائي ڇڏين ها، انهن نگران حڪومت جي اچڻ جو انتظار ڇو ڪيو؟ هن وڌيڪ چيو ته هاڻي به اُهي سي سي آءِ جي منظوري حاصل ڪري نه سگهيا آهن جيڪو انهن جي ارادن ۽ ناقابل اعتبار هجڻ کي ظاهر ڪري ٿو. مراد علي شاھ چيو ته پيپلز پارٽي قوم لاءِ اڻ ڳڻيون قربانين ڏنيون آهن جن ۾ اسان جي اڳواڻن جي شهادتون به شامل آهن پر اسين ڪڏهن به پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي. هن منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏيڻ لاءِ خبردار ڪيو. آخر ۾ هن اعلان ڪيو ته 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو. هن اپيل ڪئي ته مان سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته اُهي شرڪت ڪن ۽ سنڌ جي حق ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حمايت جو اظهار ڪن.

Back