سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪڻڪ جي آبادگارن کي مرعاتون ڏيڻ تي زور

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪڻڪ جي آبادگارن کي مرعاتون ڏيڻ تي زور

Posted on: 19 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (18 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زراعت، خوراڪ ۽ مالي کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي زور ڏنو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن مطابق فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته 2023-24 ۾ سنڌ ۾ 4.592 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي پر هن سال سپورٽ پرائيس نه هجڻ ڪري پيداوار گهٽجي 3.542 ملين ميٽرڪ ٽن تي پهتي۔ اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ هن سال 3542510 ٽن ڪڻڪ حاصل ڪئي جنهن جي في ايڪڙ اوسط پيداوار 28.70 مڻ رهي۔ سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو ته اهڙي رجحان فوڊ سيڪيورٽي جي بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو۔ هن چيو جيڪڏهن اسان پنهنجن آبادگارن جي مدد نه ڪنداسين ته شايد اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي۔ ان جو واحد حل اهو آهي ته آبادگارن کي مراعات ڏنيون وڃن ته جيئن هو وڌيڪ ڪڻڪ پوکي سگهن۔ هن وقت سنڌ وٽ 1265380 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي جڏهن ته پاڪستان جا گڏيل ذخيرا 4701682 ميٽرڪ ٽن آهن۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي گهريلو ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ماهوار لڳ ڀڳ 4 لک ٽن ڪڻڪ جي گهرج آهي۔ ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ وٽ ايترو ذخيرو موجود آهي جيڪو مارچ ۾ نئين فصل اچڻ تائين صوبي جي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿو۔ وڏي وزير چیف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته خوراڪ، زراعت ۽ مالي کاتن سان گڏيل اجلاس سڏرائي جنهن ۾ آبادگارن لاءِ هڪ جامع مراعاتي منصوبي تيار ڪيو وڃي۔ هن زور ڏنو هي وقت آهي ته اسان اڳتي وڌي آبادگارن جي مدد ڪريون۔ ڪڻڪ جي پوک ۾ اضافو ئي اسان جي عوام لاءِ خوراڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي۔

Back