سنڌ جي سالياني ترقياتي پروگرام جو مجموعي حجم 1180 ارب رپيا
سنڌ جي سالياني ترقياتي پروگرام جو مجموعي حجم 1180 ارب رپيا
Posted on: 14 Jun 2025 Tags:ڪراچي (13 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ مالي سال 2025-26 لاءِ بجيٽ پيش ڪندي سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) جو اعلان ڪيو جنهن جو مجموعي حجم 1018 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. صوبائي ADP لاءِ 520 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته ان سان گڏ ضلعي ADP، پرڏيهي امداد (FPA) ۽ وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) جون گرانٽون به شامل آهن. هي جامع ترقياتي منصوبو صوبي ۾ بحالي، بنيادي ڍانچي جي سڌاري، سماجي سهولتن جي فراهمي ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ تي مرڪوز آهي.
اي ڊي پي 2025-26 جون جھلڪيون ۽ بجيٽ مختص جون تفصيلون هن ريت آهن: صوبائي اي ڊي پي لاءِ 520 ارب رُپيا، ضلعي اي ڊي پي لاءِ 55 ارب رُپيا، پرڏيهي منصوبن لاءِ سهائتا (FPA) تحت 366.72 ارب رُپيا ۽ وفاقي PSDP گرانٽس تحت 76.28 ارب رُپيا شامل ڪيا ويا آهن. سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) ۽ ترقياتي منصوبن ۾ شامل آهن؛ ٻوڏ کان متاثر اسڪولن ۽ ٻين ڍانچن جي بحالي، ته جيئن تعليمي سهولتن تائين رسائي بهتر بڻائي سگهجي، صحت جون سهولتون اپگريڊ ڪري عوام کي معياري علاج جي سهولت مهيا ڪرڻ ، موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زرعي نظام کي فروغ ڏيڻ ۽ آبپاشي نظام جي بحالي ، عوامي صحت لاءِ صاف پاڻي ۽ نيڪال جي مؤثر نظام جي فراهمي ، رستن جي بهتري ۽ شهري ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ، خاص طور تي ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ سسٽم ۽ سيف سٽي منصوبن تي ڪم ، گرين انرجي جي فروغ لاءِ قابلِ تجديد توانائي جا منصوبا ۽ غربت جي خاتمي لاءِ غذائي مدد، ڪميونٽي ڍانچي، ۽ گهٽ خرچ رهائش وارا منصوبا شامل آهن.
هلندڙ ۽ نئين اسڪيمون: سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) ۾ مجموعي طور تي 3642 اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن لاءِ 400.5 ارب رُپيا رکيا ويا آهن۔ انهن مان 82.6 سيڪڙو، يعني 3161 اسڪيمون هلندڙ منصوبا آهن جڏهن ته 17.4 سيڪڙو يعني 481 نيون اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن۔ خاص ترقياتي قدمن لاءِ 119.5 ارب رُپيا رکيا ويا آهن۔
شعبن موجب بجيٽ جي ورهاست: تعليم لاءِ 102.8 ارب رُپيا، صحت لاءِ 45.4 ارب رُپيا، آبپاشي لاءِ 84 ارب رُپيا، بلدياتي حڪومت لاءِ 132 ارب رُپيا، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 143 ارب رُپيا، توانائي (جنهن ۾ ٿر ڪوئلو ۽ قابلِ تجديد ذريعا شامل آهن) لاءِ 36.3 ارب رُپيا، زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ فِشريز لاءِ 22.5 ارب رُپيا ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ لاءِ 59.7 ارب رُپيا رکيا ويا آهن۔
ترقياتي حڪمتِ عملي: حڪومت هلندڙ منصوبن جي تڪميل کي ترجيح ڏني آهي، جنهن لاءِ بجيٽ جو 80 سيڪڙو حصو رکيو ويو آهي جڏهن ته 20 سيڪڙو بجيٽ نون اسڪيمون لاءِ رکيو ويو آهي۔ سيلاب کان بحالي، توانائي جا منصوبا، ڪراچي شهر جا ترقياتي منصوبا، ۽ پائيدار ترقي جا هدف جيئن ته صاف پاڻي ۽ نيڪال جو مؤثر نظام کي خاص اهميت ڏني وئي آهي۔
عملدرآمد ۽ نگراني: پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ پائيدار ترقي جي هدفن (SDGs) سان لاڳاپيل منصوبن جي منظوري جي عمل کي تيز ڪندو جڏهن ته انهن جي بروقت تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت مالي اجرا واري حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ويندي۔ حڪومت انهن اسڪيمن جي مدتِ تڪميل ۾ به هڪ سال جو اضافو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جيڪي جون 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ واريون آهن، ته جيئن ترقي جو تسلسل برقرار رهي۔
2024-25 جي ڪارڪردگي جو جائزو: گذريل مالي سال دوران 1460 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون، جيڪي تازن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن۔ سيلاب متاثرن لاءِ رهائش جي فراهمي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي، 4 لک کان وڌيڪ گهر مڪمل ڪيا ويا جڏهن ته وڌيڪ تعمير هيٺ آهن۔ ڪل ترقياتي خرچ 468 ارب رُپين تائين پهتا جڏهن ته جاري ڪيل فنڊن مان 73 سيڪڙو استعمال ڪيو ويو۔ هي جامع ساليانو ترقياتي پروگرام (ADP) سنڌ حڪومت جي پائيدار ترقي، بنيادي ڍانچي جي بهتري، ۽ سماجي ڀلائي جي عزم جو اظهار آهي، جنهن جو مقصد صوبي جي معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻو ۽ عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي۔
Back