سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ اقليتن جي حقن لاءِ اٽل عزم، مراد علي شاهه جو اقليت ڏهاڙي تي اعلان
سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ اقليتن جي حقن لاءِ اٽل عزم، مراد علي شاهه جو اقليت ڏهاڙي تي اعلان
Posted on: 13 Aug 2025 Tags:ڪراچي (11 آگسٽ) سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي حڪومت جي اٽل عزم جو اعادو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سڀني شهرين جو برابر جو ملڪ آهي ڀلي کين ڪنهن به مذهب سان تعلق هجي۔ هو سوامي نارائن مندر ۾ منعقده هڪ گڏيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جيڪا اقليت جي ڏھاڙي کي ملهائڻ لاءِ مختلف اقليتي برادرين جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي۔ تقريب ۾ صوبائي اسيمبلي جي رڪن گيانچند ايسراڻي، مس تشنا پٽيل، ڊنشا بي آواري (پارسي)، صوبائي اسيمبلي سنڌ جي ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد (عيسائي)، وزيراعليٰ جي خاص مددگار براءِ اقليتي امور ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي، خاص مددگار راجوير، سينيٽر پونجو ڀيل، قومي اسيمبلي جي رڪن ڊاڪٽر مهیش ملاڻي، شام سندر، روما مشتاق مٽو، مهیش ڪمار هاسيجي، انيل ڪمار، سردار رام سنگھ، پروفيسر پرڪاش لال (سک) سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي۔ مراد علي شاهه چيو ته اقليت جي ڏھاڙي کي ملهائڻ جي روايت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پهرئين دورِ صدارت ۾ 2009ع ۾ شروع ڪئي هئي ۽ هو ان کان پوءِ هر سال انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪندا رهيا آهن۔ وزيراعليٰ چيو ته 11 آگسٽ جي تاريخي اهميت اها آهي ته 1947ع ۾ ان ئي ڏينهن پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح صوبائي اسيمبلي سنڌ ۾ تاريخي خطاب ڪندي واضح ڪيو هو ته اقليتن کي پنهنجي مندرن، مسجدن ۽ گرجا گهرن ۾ وڃڻ جي مڪمل آزادي آهي ۽ رياست کي ڪنهن جي مذهب سان ڪو سروڪار ناهي۔ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين ۾ اقليتن جي تحفظ جون شقون شامل ڪيون جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه اقليتي برادرين سان گڏ بيٺيون۔ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قانون منظور ڪيا آهن۔ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صدين کان مذهبي رواداري جي روايت جو علمبردار رهي آهي جنهن کي صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، لال شهباز قلندر ۽ سچل سرمست هٿي ڏني۔ هن چيو ته اسان جو فلسفو اهو آهي ته سڀ هندو، سک، عيسائي، پارسي محبت، دوستي ۽ هم آهنگي سان گڏ رهيون۔ وڏي وزير پرڏيهي ملڪن، خاص ڪري ترقي يافته ملڪن ۽ ڀارت ۾ عدم برداشت جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جو ڪو به واقعو ٿئي ته ان جي اجتماعي مذمت ڪئي ويندي آهي۔ مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ آزاديءَ جي 14 ڏينهن وارين تقريبن جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ بانيِ سنڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جو آخري ڏينهن پڻ آهي۔ هن چيو ته هو اڄ (سومر 11 آگسٽ) چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ڀٽ شاهه ويندو۔ وڏي وزير اعلان ڪيو ته صوبائي حڪومت عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل مذهبن جي ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪري رهي آهي۔ هن عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت، قائداعظم محمد علي جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وژن موجب هر شهري جي بغير امتياز خدمت جاري رکندي۔ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائي ۾ صوبو ترقي، امن ۽ اتحاد لاءِ ڪم جاري رکندو۔ مراد علي شاهه زور ڏنو ته قومي بحران جي وقت سڀ پاڪستاني گڏجي ملڪ جو دفاع ڪندا آهن۔ تقريب جو اختتام سڀني مذهبن جي اڳواڻن جي پاڪستان جي سالميت، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل دعا سان ٿيو۔
ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه
ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ صوبائي حڪومت سنڌ، صوبي جي حقن جي تحفظ جو سلسلو جاري رکندي ۽ وفاقي حڪومت سان سڀني اهم معاملن، بشمول بجيٽ، تي تعميري رابطا يقيني بڻائيندي۔ وڏي وزير چيو ته بجيٽ سميت جڏهن به ڪو مسئلو ٿئي، اسان وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهيون۔ تازو اقتصادي رابطا ڪميٽي براءِ قومي اقتصادي ڪائونسل (ايڪنڪ) جي اجلاس ۾ سنڌ جا سڀ منصوبا منظور ٿيا، جن ۾ حيدرآباد سکر موٽروي جا ٽي سيڪشن به شامل آهن۔ مراد علي شاهه ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن جي ڪوششن جو مقصد ٻنهي جي لاڳاپن کي مضبوط رکڻ هو۔ جبري مذهبي تبديليءَ جي معاملي تي وڏي وزير ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته جڏهن والدين پنهنجو مذهب بدلائين ٿا ته ٻارن جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ هن چيو ته ڪجهه پيچيدگيون آهن جن کي اسان کي حل ڪرڻو آهي۔ اسان جو مذهب ۽ قانون جبري مذهبي تبديليءَ جي اجازت نٿا ڏين۔ ٽريفڪ حادثي ۾ ٻن نوجوانن جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه لاپرواهه ڊرائيونگ جي مذمت ڪئي۔ هن تصديق ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ڊرائيور کي فوري گرفتار ڪيو ويو پر ردعمل ۾ ست ڊمپر ٽرڪ ساڙڻ کي غير مناسب عمل قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته ان ۾ ملوث شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔ وڏي وزير ٽرانسپورٽرز کي هدايت ڪئي ته سڀني ڊمپر ٽرڪن ۾ ڪيمرا لڳايا وڃن ۽ يقيني بڻايو وڃي ته ڊرائيورن وٽ صحيح لائسنس هجن، ٻي صورت ۾ 15 ڏينهن اندر تعميل نه ڪرڻ تي سندن خلاف ’’سخت ڪارروائي‘‘ ڪئي ويندي۔ انسداد منشيات مهم بابت وڏي وزير چيو ته اها مهم سڄي صوبي ۾ بغير ڪنهن رعايت جي جاري آهي۔ هن چيو ته گذريل ٻن کان ٽي مهينن دوران وڏي تعداد ۾ ڏوھارين کي سڃاتو ۽ گرفتار ڪيو ويو آهي۔ منشيات هڪ عالمي مسئلو آهي جيڪو پاڪستان ۽ سنڌ کي متاثر ڪري رهيو آهي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو۔ سنڌ حڪومت جي هن حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي آهي ۽ اها لعنت ختم ڪري دم وٺندي۔ ان کان اڳ وزيراعليٰ هندو برادري جي اڳواڻن سان گڏ تاريخي سوامي نارائڻ مندر جو دورو ڪيو جتي کيس روايتي شالون ۽ گل پيش ڪيا ويا۔ بعد ۾ سک برادري جي اڳواڻن سان گڏ هن گردوارو جو به دورو ڪيو۔
Back