سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري مانيٽرنگ سسٽم (SAMRS) جو آغاز، تعليم ۾ سڌارا ئي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڪنجي آهن، مراد علي شاهه
سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري مانيٽرنگ سسٽم (SAMRS) جو آغاز، تعليم ۾ سڌارا ئي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڪنجي آهن، مراد علي شاهه
Posted on: 17 Oct 2025 Tags:ڪراچي (14 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ شاگرد جي حاضري مانيٽرنگ ۽ ريڊريس سسٽم (SAMRS) جي افتتاحي تقريب جي حوالي سان اجلاس ٿيو۔ وڏي وزير زور ڏنو ته تعليم ۾ سڌارا ئي مضبوط ۽ باصلاحيت انساني وسيلن جي بنياد آهن جيڪي صوبي جي ترقيءَ لاءِ لازمي آهن۔ وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته شاگردن جي حاضريءَ جي نگراني، اسڪول ڇڏڻ جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ غير حاضريءَ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو مڪمل استعمال ڪيو وڃي۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته نئون سسٽم صرف غير حاضر شاگردن جي سڃاڻپ تائين محدود نه هجي پر تدريسي ماحول ۾ موجود مسئلا به ظاهر ڪري ۽ وقت سر قدم کنيا وڃن۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا۔ هي نظام اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ (SELD) جو هڪ اهم قدم آهي، سنڌ ارلي لرننگ انهنانسمنٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن (SELECT) پروجيڪٽ تحت تيار ڪيو ويو آهي۔ هي منصوبو حڪومت سنڌ، عالمي بينڪ ۽ گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيشن (GPE) جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن تعليم جي شعبي کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان مضبوط بڻايو وڃي۔ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ٻڌايو ته SAMRS هڪ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل نظام آهي جنهن جو مقصد اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽائڻ آهي۔ هي نظام صرف غير حاضريءَ جا سبب معلوم نٿو ڪري پر تدريسي ماحول، استادن جي ڪارڪردگي ۽ شاگردن جي سکيا جي نتيجن سان لاڳاپيل وسيع مسئلا به سڃاڻي ٿو۔ سردار شاهه ٻڌايو ته هي نظام هڪ آف لائن موبائل ايپليڪيشن ۽ ڊيش بورڊ جي ذريعي روزاني بنيادن تي اسڪولن مان حاضري ۽ ٻين اهم اشارن جا انگ اکر گڏ ڪري ٿو۔ شروعاتي طور 12 ضلعن جي 600 اسڪولن ۾ هي نظام لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن کي مرحليوار سمورن اسڪولن تائين وڌايو ويندو۔ سردار شاهه چيو ته هي قدم سنڌ لاءِ هڪ انقلابي اڳڀرائي آهي جيڪا نه رڳو پاڪستان ۾ پر گلوبل ساؤٿ، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جهڙن علائقن لاءِ به هڪ ماڊل طور سامهون اچي سگهي ٿي جتي ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششون جاري آهن۔ هي نظام جلد صوبائي سطح تي رسمي طور لانچ ڪيو ويندو جنهن ۾ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار، عالمي ترقياتي ادارن جا نمائندا، مقامي تعليمي اسٽيڪ هولڊرز ۽ پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ اسلام آباد مان سرڪاري ۽ نجي شعبي جا وفد شرڪت ڪندا۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت تعليم ۾ سڌارن لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو تعليم اسان جي انساني وسيلن جي سڀ کان وڏي طاقت آهي۔ شاگردن جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري اصل ۾ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سيڙپڪاري آهي۔ هن سڀني اسٽيڪ هولڊرن تي زور ڏنو ته اهي صوبي ۾ تعليم کي وڌيڪ موثر، جامع ۽ سڀني لاءِ قابل رسائي بڻائڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن۔
Back