سنڌ–قطر لاڳاپن ۾ نئون باب: پاڻي ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق
سنڌ–قطر لاڳاپن ۾ نئون باب: پاڻي ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق
Posted on: 17 Dec 2025 Tags:ڪراچي (24 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قطري شاهي خاندان جي ميمبر شيخ احمد بن ثاني اعليٰ سطح تي رابطا وڌائڻ ۽ خاص طور تي سنڌ جي پاڻي ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران وڏي وزير مراد شاهه شيخ احمد بن ثاني کي باضابطه طور سنڌ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ صوبو جي مضبوط معاشي امڪانن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي روشني وڌي۔ شيخ احمد جيڪي پنهنجي ساٿين سان گڏ آيل هئا، زراعت ۽ واٽر مينيجمينٽ ٽيڪنالاجيز ۾ گہري دلچسپي ظاهر ڪئي۔ ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف پڻ موجود هئا۔ وڏي وزير مراد علي شاهه وفد کي بريفنگ ڏيندي چيو ڪراچي لاءِ اسان وٽ وڏا ڊيسالينيشن ۽ واٽر ڊسٽريبيوشن جا منصوبا تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبو ۾ اهم زرعي منصوبا اڳتي وڌي رهيا آهن ٺٽو کان ڪشمور تائين وڏا زرعي منصوبا تمام بهتر منافعي جا امڪان رکن ٿا. مراد علي شاهه قابل تجديد انرجي، ايگرو پروسيسنگ، ڊيري ۽ سياحت جي شعبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش کي به اجاگر ڪيو۔ ٻنهي پاسن اعليٰ سطح تي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٽيڪنيڪل ٽيمون جلد فالو اپ ملاقاتون ڪنديون۔ شيخ احمد بن ثاني اعلان ڪيو ته قطري سيڙپڪارن جو هڪ وفد جلد سنڌ جو دورو ڪندو ته جيئن ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائي سگهجي ۽ سيڙپڪاري وارا منصوبا فائنل ٿي سگھن.
Back