سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال اڏڻ ماحولياتي ڏوهه قرار، وفاقي پاليسي ماحولياتي توازن لاءِ خطرو آھي: وڏو وزير

سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال اڏڻ ماحولياتي ڏوهه قرار، وفاقي پاليسي ماحولياتي توازن لاءِ خطرو آھي: وڏو وزير

Posted on: 23 Apr 2025   Tags:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو عالمي ڌرتي ڏھاڙي تي پيغام

ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، ان جي حفاظت هر ماڻھوءَ تي فرض آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال اڏڻ ماحولياتي ڏوهه قرار، وفاقي پاليسي ماحولياتي توازن لاءِ خطرو آھي: وڏو وزير

انڊس ڊيلٽا ڪيترن سالن کان پاڻي کان محروم آهي؛ ماحولياتي نظام تباهه ٿي رهيو آهي: سيد مراد علي شاھھ

اسان کي اهڙن ڪمن ۽ ڏوهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي جيوتائيت کي خراب ڪن ٿا، مراد علي شاهه

ڪراچي (22 اپريل 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ ڌرتي ماءُ وانگر آهي، جنهن جي حفاظت ڪرڻ هر انسان جي ذميواري آهي. هن زور ڀري چيو ته فطرت سان هم آهنگي ۽ ماحول جو توازن برقرار رکڻ وقت جي وڏي ضرورت بڻجي چڪي آهي. اھا ڳالھھ ھن عالمي ڌرتي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري ڪيل بيان ڪئي. وڏي وزير ماحولياتي تبديلي جي خطرناڪ اثرن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ۽ مؤثر قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته انساني مداخلت ماحول تي منفي اثر وڌو آهي ۽ جيوتائيت کي نقصان پهچائيندڙ عملن کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي. سيد مراد علي شاهه سنڌو درياھھ تي وڌيڪ ڪئنالن جي اڏاوت کي "ماحولياتي تباهي" قرار ڏيندي چيو ته اِن سان سنڌ جو پاڻي ڦٻايو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته نوان ڪئنال ناقابلِ قبول آهن، ڇو ته اهي رڳو سنڌ نه، پر سموري ملڪ جي زرعي مستقبل لاءِ خطرو آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ کي 1991ع جي پاڻيءَ جي معاهدي تحت به پورو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي. درياءَ تي ڪٽ لڳائڻ ڌرتي ماءُ جي وجود کي زخمي ڪرڻ جي برابر آهي. هن وفاقي حڪومت جي ڪئنال پاليسي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي، ان کي ماحولياتي توازن لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو. ھن چيو تھ دريائن جي قدرتي وھڪري کي روڪڻ هڪ ماحولياتي ڏوهه آهي. سيد مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته هو عالمي ڌرتي ڏھاڙي جي موقعي تي رڳو زمين نه، پر دريائن جي تحفظ لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ھن خبردار ڪندي چيو تھ جيڪڏهن وڌيڪ ڪئنال ٺاهيا ويا ته زراعت ئي نه، ملڪ جو مستقبل به سڪي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا کي ڪيترن سالن کان پاڻي نه مليو آهي، جنهن سبب اُتي جو ماحولياتي نظام تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جنگلات جي تحفظ، وڻڪاري، صاف توانائي ۽ سامونڊي علائقن ۾ ماحولياتي بحالي لاءِ جامع رٿا تيار ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت چاهي ٿي ته ماحول دوست رٿائن ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت هجي. هن چيو ته زمين جي غلط استعمال، آلودگي ۽ وڻڪاڻ جي ڪٽائي خلاف سخت قدم کنيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا 2022ع ۾ موسمي تبديليءَ بابت پاليسي منظور ڪئي، جنهن جو مقصد اثرن جي سڃاڻپ ۽ ڪارائتي رٿابندي آهي. سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ تحت 185 نوان واٽرڪورس ٺهيا، 500 جي لائننگ ٿي، هزارين آبادگارن کي تربيت ڏني وئي، ۽ جديد زرعي سهولتون فراهم ڪيون ويون. وڏي وزير چيو ته پلاسٽڪ بيگز تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، انڊس ڊيلٽا جي صفائي ۽ وڻڪاري جھڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) صنعتن ۽ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ ماحولياتي قانونن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. وڏي وزير ڪلفٽن ۾ 200 ايڪڙن تي قائم "اربن فاريسٽ" کي هن ماحولياتي بهتري ڏانهن عملي قدم قرار ڏنو. پيغام جي آخر ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو تھ اچو ته سڀ گڏجي ڌرتي جي بچاءَ ۽ ماحولياتي نظام جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. اسان کي معيشيت، ماحول ۽ سماج کي هم آهنگ ڪري ترقيءَ جا نوان رستا اختيار ڪرڻا پوندا.

Back