تڪراري چولستان ڪينال منصوبي جو رد ٿيڻ سنڌ لاءِ هڪ تاريخي فتح آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

تڪراري چولستان ڪينال منصوبي جو رد ٿيڻ سنڌ لاءِ هڪ تاريخي فتح آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

Posted on: 30 Apr 2025   Tags:

ڪراچي (29 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اولڊ ٽرمينل تي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته تڪراري چولستان ڪينال منصوبي جو رد ٿيڻ سنڌ لاءِ هڪ تاريخي فتح آهي ۽ هڪ آئيني انصاف جي ڪاميابي آهي. وڏي وزير عوام واضح ڪيو ته هي منصوبو جيڪو نگران حڪومت دوران منظور ڪيو ويو هو جمہوري ۽ قانوني عمل تحت رد ڪيو ويو آهي. مراد شاهه وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري، وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ سنڌ جا عوام گڏجي ڀارت جي ڪنهن به بدنيت تي ٻڌل سازش کي ناڪام بڻائيندا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ به اچي ٿو ۽ جيڪو به پاڪستان کي خراب ارادن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي سخت سان منهن ڏينداسين. مراد علي شاهه سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ اسان جي حڪومت سي سي آءِ ۾ سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ ڀرپور طاقت سان ڪيس وڙهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي آءِ جي اجلاس جا منٽ جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ چولستان ڪينال لاءِ پاڻي جي دستيابي جي ارسا سرٽيفڪيٽ جو جيڪو نگران حڪومت 17 جنوري 2024 تي جاري ڪيو ان جي منسوخي شامل آهي. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته سي سي آءِ جي اجلاس ۾ چولستان ڪينال جي ايڪنڪ جي مشروط منظوري کي رد ڪيو ويو آهي، جيڪا 7 فيبروري 2024 تي نگران حڪومت ۾ ڏني وئي هئي. هن چيو ته هي رڪارڊ تي آهي ته صوبائي حڪومت ارسا سرٽيفڪيٽ خلاف جون 2024 ۾ ڪارروائي ڪئي جڏهن اسان پنهنجي عهدي جو حلف ورتو. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ارسا سرٽيفڪيٽ کي سي سي آءِ ۾ چيلنج ڪرڻ لاءِ آئيني طريقو اختيار ڪيو. ان عمل دوران ڪجهه شرپسند عوام کي جعلي دستاويزن ذريعي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن کي ڪنهن ٻي صوبي خلاف ڀڙڪايو ان ڪارڻ ئي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مراد شاهه اهو پڻ ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش، 18 اپريل تي حيدرآباد، ۽ 25 اپريل تي سکر ۾ اهم جلسن ۾ خطاب ڪيو. انهن جلسن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جتي هنن نئين ڪينال منصوبن بابت پنهنجي نظرئي کي واضح ڪيو. پنهنجي وفد جي قيادت ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ زور ڏئي چيو ته ڪينال منصوبا ملڪ جي مفاد ۾ نه آهن ۽ انهن کي جلد رد ڪرڻ گهرجي. "ڪو نئون ڪينال تعمير هيٺ نه هو؛ اهو فقط ڪاغذ تي موجود هو، جنهن کي سي سي آءِ جي اجلاس رد ڪري ڇڏيو آهي. چيئرمين بلاول 24 اپريل تي وزيراعظم سان هي معاهدو طئي ڪيو جنهن کان پوءِ پي ايم سيڪريٽريٽ کان بيان جاري ڪيو ويو جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهن وزيراعظم جي صحيحن سان لکيل تصديق طلب ڪئي. وڏي وزير انهن ماڻهن کي چيلنج ڪيو ۽ پڇيو ته ڪهڙو ڪينال منصوبو وزيراعظم جي صحيحن سان شروع ٿيو هو. هن اهو پڻ اشارو ڪيو ته اهي ئي ماڻهو صدر آصف علي زرداري خلاف پروپيگنڊا ڪندا رهيا، اهو دعويٰ ڪندي ته هن پنهنجي صحيحن سان ڪينال جي منظوري ڏني. ان جي ابتڙ نه ته صدر ۽ نه ئي وزيراعظم منصوبن تي صحيحون ڪيون آهن. منظوري ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ خاص فورم جهڙوڪ ايڪنيڪ ۽ سي سي آئي جي مدد سان ٿيندي آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت ارسا جي سرٽيفڪيٽ کي سي سي آءِ ۾ چيلنج ڪيو. وزيراعظم 2 مئي لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس طئي ڪري ڇڏيو ته جيئن ڪينال منصوبن کي رد ڪرڻ جو فيصلو باقاعده طور تي ڪيو وڃي. ان اجلاس دوران صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بيان ڪيو ته سي سي آءِ جو اجلاس جلد ٿيڻ گهرجي ها. نتيجتاً 28 اپريل تي ٿيندڙ اجلاس منصوب کي رد ڪرڻ جو سبب بڻيو. هن چيو ته آءُ وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان ته هن سي سي آءِ جو اجلاس فوري طور تي گهرائڻ ۽ منصفاڻو فيصلو ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي. آءُ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن ۽ سي سي آءِ ميمبرن جي پڻ واکاڻ ڪندس جن سنڌ حڪومت کي سپورٽ ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم کي اها ڳالهه پهچائي ته صوبن جي وچ ۾ اتفاق راءِ حاصل نه ٿيڻ تائين ڪو نئون ڪينال تعمير نٿو ٿي سگهي. 28 اپريل جي سي سي آءِ اجلاس ان اصول جي توثيق ڪئي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت اهڙن منصوبن جي حامي نه هوندي جن ۾ صوبن جو اتفاق نه هجي. ان کان علاوه اهو فيصلو ڪيو ويو ته 1991 جو پاڻي معاهدو ان تي اصل روح مطابق عملدرآمد ڪيو وڃي. وڏي وزير مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي ان حقيقت کي نظرانداز ڪري رهيا آهن ته ارسا جي تصديق غلط ڄاڻ تي ٻڌل هئي ۽ ان کي رد ڪرڻ ضروري هو. هن اهو پڻ اشارو ڪيو ته صدر پاڪستان خلاف ڪوڙن پروپيگنڊا پکيڙڻ سبب عوام ۾ مونجهارو پيدا ٿيو. ان کان علاوه هن اهو ٻڌايو ته ايڪنيڪ جي عارضي منظوري جيڪا 7 جنوري 2024 تي عام چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ ڏني وئي هئي، ارسا جي تصديق جي رد ٿيڻ کانپوء پاڻمرادو واپس ورتي وئي. سي سي آءِ پلاننگ ڊويزن ۽ ارسا کي حڪم ڏنو ته ڪوبه منصوبو شروع نه ڪيو وڃي جيستائين سڀ صوبن جي حمايت ۽ اتفاق راءِ حاصل نه هجي. هن چيو ته هي ڪاميابي اسان عوام ۽ انهن لاءِ حاصل ڪئي آهي. مان الله تعاليٰ جا ٿورا مڃيندس ته چئني صوبن اسان جي ڳالهه ٻڌي ۽ انصاف ۽ ايمانداري تي ٻڌل فيصلو ڪيو. مراد شاهه اهو پڻ ٻڌايو ته هن هڪ ڏينهن اڳ صدر پاڪستان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر پڇيو ته ايندڙ سي سي آءِ اجلاس بابت جنهن جو پروگرام جمعه تي رٿيل هو. صدر چيو ته گهڻي دير ٿي چڪي آهي ته مون کيس ٻڌايو ته مان پنهنجي بهترين ڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ سي سي آءِ اجلاس 28 اپريل تي سڏرائڻ لاءِ مدد لاءِ چيو جنهنتي صدر خاطري ڪرائي ته وزيراعظم سان ڳالهائيندس ۽ جنهن سبب اهو اجلاس منعقد ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اسان جي مخالفن صدر کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن پنهنجي مرضي سان پنهنجا اختيار پارليامينٽ حوالي ڪيا. چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري، ڪينال بابت هڪ مضبوط ۽ حق تي ٻڌل موقف پيش ڪيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي مؤقف کان پوئتي نه هٽيو. هن چيو ته تصور ڪريو ته جماعت جي قيادت ۽ حڪومت تي ڪيترو دٻاؤ هو تنهن هوندي به اسان جو مؤقف انصاف جي بنياد تي مضبوط رهيو. هن ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو واضح هدايتون ڏنيون هيون ته يا پنهنجو موقف کي مڃرايو يا اجلاس مان نڪري وڃجو اهو چئي ڪري ته سي سي آءِ انهن لاءِ ضروري ناهي. هن [چيئرمين] اهو زور ڏئي چيو ته هو پنهنجي سياسي فيصلا پاڻ ڪري سگهن ٿا ۽ واضح طور تي بيان ڪيو ته جيڪڏهن سي سي آءِ هڪ انصاف تي ٻڌل فيصلو ڪري ٿو ته اهو بهترين ٿيندو بي صورت ۾ هو ان ماڻھن سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندا جيڪي ناانصافي جي حمايت ڪن ٿا۔ سنڌ جي ماڻهن جي محنت کي ساراهيندي هن چيو ته "مون سي سي آءِ ۾ پنهنجي ڪيس کي حقيقتن ۽ انگن اکرن سان پيش ڪيو پنهنجي چيئرمين، پنهنجي جماعت، ۽ سنڌ جي عوام جي مدد سان ڪاميابي سان انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ۽ هن ان جو احترام ڪيو: "سنڌ جي عوام 1970 کان پي پي پي کي لڳاتار منتخب ڪري رهي آهي، هر ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽن ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون. هنن مستقل حمايت ۽ اعتماد ڏيکاريو آهي، جنهن سبب اسان کي سي سي آءِ ۾ انهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي طاقت ملي. هن اهو پڻ چيو ته جيڪي ماڻهو صوبن وچ ۾ نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا اهي شايد ڪامياب ٿي وڃن ها جيڪڏھن سي سي آءِ انصاف تي ٻڌل فيصلو نه ڪري ها. هن چيو: پاڪستان پیپلز پارٹی صوبائي حقن جي محافظ آهي۔ مراد شاهه ٻين سميت وڪيلن ۽ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪيو جن ڪوششون ڪيون. بهرحال هن انهن ماڻهن سان اختلاف جو اظهار ڪيو جن پنهنجي احتجاجن دوران عوام کي ڏکائين ۾ وڌو. مراد شاهه ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو هن کي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ان تي يقين رکن ٿا ڇاڪاڻ ته هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پوٽو آهي جنهن ڪڏهن به جھڪڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ شهيد محترمه بينظیر ڀٽو جو پُٽ آهي جنهن ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي خلاف جنگ ڪئي. هن بہادري ۽ انصاف جي جدوجهد کي برقرار رکڻ جو عزم ڪيو. مراد شاهه چيو ته ڪينال منصوبي جو رد ٿيڻ پاڪستاني عوام جي فتح آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته سي سي آءِ جي منٽن جي جاري ٿيڻ کانپوءِ سڀ ڌرڻا ختم ٿي ويا پر سواءِ ٻبرلوئي جو ڌرڻو ختم نه ٿيو. وڏي وزير انهن جي لفظن کي بيان ڪندي چيو ته انهن چيو هو جيڪڏهن ڪينال منصوبو جي رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته انهن جون لاشون اٿنديون پر هن لاشون کڻڻ جي اجازت نه ڏني پر نوٽيفڪيشن کڻي پهتو آهيان ۽ انهن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجو وعدو پورو ڪن ۽ ڌرڻو ختم ڪن.

Back